اسلام آبادپاڪستان

شهباز شريف بنا مقابلي ن ليگ صدر ۽ مريم نواز سينيئر نائب صدر چونڊجي وئي

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ 4 سالن لاءِ ن ليگ جو بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو. ن ليگ جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ اعليٰ قيادت شرڪت ڪئي.شهباز شريف ۽ مريم نواز هٿ لوڏي جنرل ڪائونسل اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي نعرن جو جواب ڏنو.ان موقعي تي شهباز شريف ايندڙ 4 سالن لاءِ پارٽي جو بنا مقابلي صدر ۽ مريم نواز چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر چوندجي وئي.احسن اقبال ن ليگ جو جنرل سيڪريٽري ۽ مريم اورنگزيب اطلاعات سيڪريٽري چونڊجي وئي، جڏهن ته اسحاق ڊار عالمي معاملن ۽ اوورسيز بابت صدر چونڊجي ويو. ڪائونسل عطا تارڙ کي ن ليگ جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل چونڊيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button