اسلام آباد : ناڻي بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشا غوث پاشا چيو آهي ته سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حوالي سان پي ڊي ايم اي ڪم ڪري رهي آهي. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان گڏجي هن معاملي جو جائزو وٺندي. جڏهن ته غلام مصطفيٰ شاهه چيو آهي ته وزيراعظم سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ 100 ارب رپين جو واعدو پورو ڪري. جمعي تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ غلام مصطفيٰ شاهه طرفان اٿاريل نقطن جي جواب ۾ عائشا غوث پاشا چيو ته اها ڳالهه نوٽ ڪري ڇڏي آهي. ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي حوالي سان پي ڊي ايم اي ڪم ڪري رهي آهي. هي صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي. جڏهن ته پوءِ به اسان صوبائي حڪومت سان گڏجي هن معاملي جو جائزو وٺنداسين. هن کان اڳ سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ چيو ته اتحادي حڪومت جا حصيدار آهيون، وزيراعظم ٻوڏ متاثرن لاءِ 100 ارب رپين جو اعلان ڪيو هو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان ماڻهن جي روزمرهه گذرسفر لاءِ رقم ڏني وڃي ٿي. وزيراعظم جي اعلان ڪيل رقم ٻوڏ متاثرن کي بحال ڪرڻ لاءِ هئي، اهو واعدو پورو ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ رقم رکڻ گهرجي ها. اهو طئي ٿيو هو ته سنڌ جي صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت گڏيل سهڪار سان هي مسئلا حل ڪندي. هن چيو ته اميد آهي ته حڪومت پنهنجي اتحادي پارٽي جو آواز ٻڌندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close