اسلام آبادپاڪستان

صدر جي مشاورت کانسواءِ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو بل منظور

اسلام آباد :سينيٽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو. سينيٽ مان صدر جي مشاورت کانسواءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو ترميمي بل منظور ڪيو ويو. اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ ٻي ترميم کانپوءِ نااهلي جي سزا 5 سالن کان وڌيڪ نه هوندي ۽ لاڳاپيل شخص اسيمبلي جو ميمبر بڻجڻ جو اهل هوندو. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اليڪشن (ترميمي) بل 2023 جماعت اسلامي ۽ مخالف ڌر جي سينيٽرن جي احتجاج دوران مملڪتي وزير شهادت اعواڻ پيش ڪيو. تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي ترميمي بل جي مخالفت ڪئي. اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 57 ۾ ترميم تحت اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تاريخ يا تاريخن جو اعلان ڪندي، اليڪشن ڪميشن اليڪشن پروگرام ۾ ترميم ڪري سگهندي، اليڪشن ڪميشن نئون اليڪشن شيديول يا نئين اليڪشن تاريخ جو اعلان ڪري سگهندي.اليڪشن ايڪٽ جي نااهلي ۽ نااهلي بابت سيڪشن 232 ۾ ترميم تحت اهليت ۽ نااهلي جو طريقي ڪار ۽ مدو اهڙو هوندو، جيئن آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 ۾ فراهم ڪئي وئي آهي، جتي آئين ۾ ان لاءِ ڪو طريقي ڪار يا مدو ناهي، اتي ان ايڪٽ جا قلم لاڳو ٿيندا. ترميم تحت ڪنهن به عدالت جي فيصلي يا حڪم تحت سزا يافتا شخص فيصلي جي ڏينهن کان 5 سالن لاءِ نااهل ٿي سگهندو. آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف تحت 5 سالن کان وڌيڪ نااهلي جي سزا نه هوندي. لاڳاپيل شخص پارليامينٽ يا صوبائي اسيمبلي جو ميمبر بڻجڻ جو اهل هوندو، آئين ۾ جنهن ڏوهه جي سزا جو مدو مقرر ناهي ڪيو ويو، اتي نااهلي 5 سالن کان وڌيڪ نه هوندي. ٻئي طرف سينيٽ جي اجلاس ۾ قائد ايوان، مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ميمبرن جي مراعتن جو بل به منظور ڪيو ويو، جيڪو سينيٽر ڪهده بابر، منظور احمد، رضا رباني ۽ ٻين ايوان ۾ پيش ڪيو. سينيٽ جو اجلاس سومر تي منجهند 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button