اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، پاڻي وسيلن وارو وفاقي وزير خورشيد شاهه، وزيراعظم جو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ سينيٽر نثار کهوڙو شامل هئا. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا. وفد معاشي مشڪلاتن جي باوجود بجيٽ ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close