جاتي جي مين پرائمري اسڪول ۾ قائم رليف ڪئمپ اندر ڳوٺ اسحاق ٿھيمور ۽ جڙيو ٿھيمور جي لڳ ڀڳ 100 متاثرن کي انتظاميا پاران گاڏيون فراهم نه ڪرڻ سبب متاثر ڳرا ڀاڙا ڀري پرائيويٽ گاڏين ۾ پنھنجا ٻچا کڻي واپس اجھن ڏانھن روانا ٿي ويا، جڏھن ته ھا اسڪول ڪيمپ ۾ ڳوٺ عبدالرحمان ٿھيمور جا رهواسي نيوي طرفان موڪليل ٽرڪ ۾ واپس گهرن ڏانهن هليا ويا. ھوڏانھن شھر جي مين پرائمري گرلز اسڪول جي ڪئمپ ۾ ڪلڪان ڇاڻي جي ڳوٺ يوسف شاعر جي متاثرن ڇڇر ملاح، عرس ملاح ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو ته ڪئمپن ۾ سھولت ناھي، ان کان پنھنجا اباڻا ڪک ڀلا آھن، اسان کي سرڪار گاڏيون ڏئي ته واپس پنھنجن ماڳن تي وڃون. هنن حڪومت کان اپيل ڪئي ته متاثرن جي مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن هن ڏکئي وقت ۾ پنھنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگھن. هوڏانهن جاتي شھر جي رليف ڪئمپن ۾ جمع ٿيل برسات جو گندو پاڻي نيڪال ٿي سگھيو آهي، جنهن ڪري مڇرن ۾ واڌ اچي وئي آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close