سنڌ

سامونڊي طوفان جو اثر، شاهبندر جي اڪثر ڳوٺن ۾ مٺي پاڻي جا تلا کارا ٿي ويا

سامونڊي طوفان جو خطرو ته ٽري ويو پر ساحلي پٽي تي ان جا آثار رھجي ويا، تيز سامونڊي ويرون چڙھڻ ۽ زوردار برسات سبب شاھبندر جي ڳوٺن حاجي وريو جت، حاجي ابراھيم جت، وڏيرو گل محمد اپلاڻو، گنھور جت، مير جت، حاجي ربو ملاح، عمر ملاح ۽ ٻين ڳوٺن ۾ مٺي پاڻي جي تلائن ۾ کارو پاڻي شامل ٿي ويو، جنھن ڪري ماڻھو ۽ چوپايو مال پيئڻ جي پاڻي لا سخت پريشان آھي. مقامي ڳوٺاڻن نور جت، مجيد جت، بچايو ملاح، بابو ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته ڳوٺن کي ڏنل بچا بند سامونڊي ويرن سبب لڙھي ويا ۽ سمنڊ جو کارو پاڻي مٺي پاڻي جي تلائن ۾ پئجي ويو، جنهن ڪري ھاڻي اسان وٽ مٺي پاڻي جو ٻيو ڪو به وسيلو ناھي، ضلعي انتظاميا اسان کي مٺي پاڻي جو بندوبست ڪري ڏئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button