سامونڊي طوفان اچڻ کان اڳ جاتي جي ساحلي ڳوٺ قاسم ٿھيمور جي رھواسي عباس ٿھيمور، سومار ٿھيمور، حمزو ٿھيمور، مانو ٿھيمور سميت 7 مهاڻا ھوڙي ۾ سوار ٿي جھينگي مڇي جي شڪار لا سمنڊ ۾ ويل ھئا جيڪي 10 ڏينھن گذرڻ باوجود واپس نه پھتا آھن. جاتي شھر جي ڪئمپ ۾ ترسيل مائي زينت ٿھيمور صحافين آڏو دانھيندي چيو ته طوفان جي خطري کان پھرين منهنجي ٻن ناٺين سميت 7 ڄڻا مڇي جو شڪار ڪرڻ سمنڊ ۾ ويا ھئا جن کي اڄ ڏھه ڏينھن ٿي ويا آھن پر واپس نه آيا آھن، تنهن ڪري اسان سخت پريشان آھيون، حڪومت کان اپيل آھي ته سمنڊ ۾ گم ٿيل ھوڙي سميت ماھيگيرن جي ڳولا ڪري کين واپس آندو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close