سنڌ لا خير ٿي ويو، ڪيٽي بندر سميت سامونڊي پٽي تان بپر جوائي طوفان جو خطرو ٽري ويو، سائيڪلون ڀارتي گجرات ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪيو، بدين سميت مختلف شهرن ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي. خبر موجب بپر جوائي طوفان ڀارتي رياست گجرات سان مڪمل طور ٽڪرائجڻ بعد ماٺو ٿي ويو ۽ سنڌ تان خطرو ٽري ويو آهي. اين ڊي ايم اي موجب سامونڊي طوفان بپر جوائيي ڀارتي گُجرات جي سامونڊي پٽي تي لينڊ فال مڪمل ڪري ورتو، انتهائي شديد طوفان ڪمزور ٿيڻ بعد سائڪلونڪ طوفان ۾ تبديل ٿي ويو، جيڪو شام تائين ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويو. موسميات کاتي موجب طوفان ڪمزور ٿيڻ بعد ڪيٽي بندر کان 200 ڪلوميٽر پري، ٺٽي کان 180 ڪلوميٽر ۽ ڪراچي کان 270 ڪلوميٽر پري هليو ويو. ٻئي طرف ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر غلام فاروق سومرو چيو آهي ته رليف ڪئمپن ۾ ترسيل ماڻهن کي واپس سندن گهرن ڏانهن موڪلڻ جو عمل ڇنڇر (اڄ) کان شروع ڪيو ويندو پر حتمي فيصلو ڪور ڪمانڊر ۽ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد سان ملاقات بعد ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته ٺٽي جي سامونڊي پٽي مان لڳ ڀڳ 24 هزار ماڻهن کي ڪڍيو ويو، انهن مان 5000 ماڻهن کي رليف ڪئمپن ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته باقي ڪراچي ۽ بدين جي مختلف علائقن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن ۽ حڪومت طرفان کين ٽرانسپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيستائين حڪومت ڪو فيصلو نه ڪندي تيستائين ماڻهن کي ساحلي علائقن ڏانهن واپس وڃڻ نه ڏنو ويندو. هوڏانهن بدين شهر، ڪڍڻ، سيراڻي، ٻهڊمي، احمد راڄو، ڀڳڙا ميمڻ، کوسڪي، نندو، ٽنڊوباگو ۽ شادي لارج سميت ساحلي پٽيءَ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وسڪارو جاري رهيو. ٺٽي شهر ۾ ٻن ڏينهن کان پوندڙ مينهن سبب شاهي بازار ٻڏي وئي. شاھبندر، چوھڙجمالي، لاڏيون، ڇڇ جھان خان، درگاھه شاهھ يقيق ۽ ٻين علائقن ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي، شاھبندر ۽ کارو ڇاڻ جي ساحلي پٽي تي ڪيترائي ڪچا گھر ڊھي پيا ۽ سوين گھرن جون ڇتيون اڏامي ويون، سامونڊي تڙن تي بيٺل ننڍا ھوڙا ۽ ٻيڙيون تيز ھوا جي وڪڙ ۾ اچي ٽٽي ويون، جنھن ڪري مھاڻن جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آھي، جڏھن ته آبادگارن جا بيٺل فصل جن ۾ وونئڻ، سورج مکي، ڀاڄيون ۽ سارين جو ٻيجارو وسڪاري سبب تباھه ٿي ويو ۽ آبادگارن جا مٿي تي ھٿ اچي ويا آھن. برسات جي ڪري بدين شھر سميت ڪڍڻ، نندوشھر، کوسڪي ۽ ٻين شھرن ۾ ڪاروباري سرگرميون مڪمل طور تي بند رھيون ۽ پورھيت ماڻھو بيروزگار ٿي گھرن تائين محدود رهيا، ٽنڊي باگي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني ھوا سان ڪڏهن تيز ۽ ڪڏهن وچولي برسات سبب شهر ۽ ڳوٺن ۾ هيٺانهين وارا علائقا پاڻي سان ڀرجي ويا آهن. ٽنڊوباگو شهر جي وارڊ نمبر 2 مير پاڙي ۾ پورھيت خميسو قمبراڻي جي گهر جي ڇت ڊهي پئي، ڳوٺ متو راھوڪڙو ۾ نور حسن ۽ علي رضا جا ڪچا گهر، ڳوٺ جمالي ڦڙدو ۾ سليمان سولنگي جو ڪچو گهر پٽ ڊهي پئجي ويو، طوفاني برسات وسڻ ڪري آبادگارن جون ساريال جي فصل پوکڻ لا کيڙي ٿيل ھزارين ايڪڙ زمينون پاڻي سان ڀرجي ويون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close