اسلام آبادپاڪستان

پختونخوا ۾ 10 سالن تائين نالائقن ۽ نااهلن ڪرپشن ڪئي:مريم نواز

اسلام آباد :پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف سان قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر شاهه جي گل آفريدي، سينيٽر تاج آفريدي، اڳوڻي ايم پي اي بلاول آفريدي، اڳوڻي ايم پي اي شفيق آفريدي، ۽ اڳوڻي ايم پي اي بصيرت بي بي، تعلقه ميئر زبير آفريدي، لنڊي ڪوتل جي تعلقي ميئر شاه خالد شنواري ۽ تعلقي ميئر جمرود سيد نواب گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت تي وفد جي آجيان ڪندي کين مبارڪون پيش ڪيون ۽ چيو ته اوهان ملڪ جي خدمت ڪندڙن جي قافلي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ وفاق پاڪستان جا سمورا رنگ شامل آهن. پارٽي کي پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مضبوط ڪنداسين. مريم نواز شريف چيو ته ڪي پي ڪي تي 10 سال نالائقن ۽ نااهلن ڪرپشن ڪئي، ڪي پي ڪي جا بهادر ۽ سچن ماڻهن تي ڪوڙ ۽ فريب جي حڪمراني رهي. ڪي پي ڪي ۽ ان جي عوام سان 10 سال ظلم ٿيو، دهشتگردي واپس اچي وئي، اسان انهن مسئلن کان نجات ڏيارينداسين. شاه جي گل آفريدي ۽ ٻيا اڳواڻ پارٽي قائد نواز شريف، وزيراعظم شهباز شريف تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button