پاڪستانسنڌ

ماٿيلي ڀرسان مقابلو،هٿيار اسمگل ڪندڙ سب انسپيڪٽر مارجي ويو

ميرپورماٿيلو/اوٻاوڙو: ميرپورماٿيلو ويجھو ڊرنگ چاچڙ لڳ سکر ملتان موٽروي ايم فائيو تي پوليس ۽ ڏوھارين کي اسلحي جي اسملنگ ڪندڙ بين الصوبائي گروھه جي اسمگلرن ۾ مقابلو، خيبر پختونخوا واسي سب انسپيڪٽر مارجي ويو، 2 جوابدار گرفتار، جديد هٿيار هٿ. تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ويجھو ٻيلو ميرپورماٿيلو ٿاڻي جي حد سکر ملتان موٽروي جي موٽروي پوليس پڪٽ 68 نمبر وٽ گذريل ڏينھن صبح جو سوير ڏوھارين کي اسلحو پھچائيندڙ بين الصوبائي گروھه جي ڏوهارين سان پوليس مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ خيبرپختونخواهه واسي اسلام آباد پوليس جو سب انسپيڪٽر مختيار علي مارجي ويو. جڏھن ته 2 جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي جي پريس ترجمان جي جاري ڪيل بيان مطابق ايس ايڇ او ٻيلو ميرپورماٿيلو عبدالجبار پٺاڻ گشت دوران ھڪ مشڪوڪ ڪار کي روڪيو ته ڪار ۾ موجود جوابدارن پوليس تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ جوابدار مختيار علي پٽ گوھر زمان مارجي ويو، جيڪو خيبرپختونخوا جي شهر مردان جو رهواسي آهي، جڏھن ته ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، مارجي ويل ۽ گرفتار ٿيل جوابدارن جو تعلق صوبي خيبرپختونخواهه سان آھي ۽ ھٿيارن جي اسملنگ ڪندا آهن، مارجي ويل مختيار علي پوليس ۾ سب انسپيڪٽر ھو، جيڪو ھن وقت ڊيپوٽيشن تي اسلام آباد پوليس ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو هو. هوڏانهن ڪار مان 5 ڪلاشنڪوف، ھڪ رپيٽر، گولا بارود، 6 سئو رائونڊ ۽ 3 پسٽل برآمد ڪيا ويا. پوليس جي اھڙي ڪامياب ڪارروائي تي ڊي آ جي سکر جاويد سونھارو جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس پارٽي کي نقد انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي پاسي مارجي ويل مختيار علي جو رڪارڊ اسلام آباد پوليس ۽ خيبرپختونخواهه پوليس کان ورتو پيو وڃي. جڏهن ته مارجي ويل مختيار علي جي گرفتار ساٿين جي سڃاڻپ جنت گل ۽ قاسم پٺاڻ طور ٿي آهي. جوابدارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسلحي جو ڪاروبار ڪندا آهيون، سنڌ ۾ چار ڀيرا پھرين به آيا آهيون، اسلحو وڪرو ڪرڻ قانوني ڏوهه آھي، باقي اسلحي جو ڪاروبار جڏھن شروع ڪيو ھو ته مردان جي مفتين کان فتوا ورتي هئي، جن جي فتويٰ مطابق اسلحي جو ڪاروبار ڪرڻ جائز آهي. ٻئي پاسي علائقي واسين موجب ڄاڻايل اسلحي جي اسمگلر ملتان کان ڪراچي واري روٽ تي ويندي ويندي اوچتو يوٽرن وٺي سکر کان ملتان واري ٽريڪ تي مڙيا ته موٽروي پوليس انهن جي پويان لڳي ۽ مقابلو ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button