ٿرپارڪر ضلعي ۾ سامونڊي طوفان جي هوائن ۽ ٻن ڏينهن کان جاري برساتن تباهي مچائي ڇڏي. ننگرپارڪر سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ سوين گهر ڊهي پيا، مالوندن جو سون جي تعداد ۾ مال مري ويو. ناياب نسل جا پکي به وڻن ويٺا مئل مليا. ان سلسلي ۾ ننگرپارڪر تعلقي ۾ طوفاني هوائن سبب سوين ڪچا ۽ پڪا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، ڪيترائي وڻ پاڙان پٽجي ويا. پکي، جيت ۽ جانور به مري ويا. بپر جوا سامونڊي طوفان ڀارت ۾ گجرات سان ٽڪرائجڻ بعد سڌو رخ ننگرپارڪر تعلقي ڏانهن ڪيو، ننگرپارڪر هندستاني سرحد ويجهو هجڻ سبب طوفان شهر ڏانهن ويجهو پهچي ويو، جنهن سبب تيز ھوائن ۽ 36 ڪلاڪن مسلسل برساتن سبب شهر جو مواصلاتي ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. روينيو رڪارڊ موجب 24 ڪلاڪن ۾ 250 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آھي. ننگرپارڪر ۾ لڳاتار 117 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ننگرپارڪر ۾ 36 ڪلاڪن دوران 300 ملي ميٽر کان مٿي برسات رڪارڊ ٿي. ڳوٺ سوندرم لڳاتار 36 ڪلاڪ برسات پوڻ سبب 100 کان مٿي ڪکاوان گھر ڊھي پٽ ٿي ويا. يوسي مصري شاھه، ڊاڀو، پيلو، ويراواھه، ھاڙھو، چوٽل، ننگرپارڪر، ڪاسبو ۽ پيٿاپور ۾ پڻ سوين ڪچا توڙي پڪا گھر پٽ پئجي وي. شھر ۾ کوسا محلا، ڪنڀار، چاڪي، ميگھواڙ، شيخ، پٺاڻ پاڙي ۾ به گهر ڊهي پيا. ڳوٺ گھرٽياري، مئو، پورڻ واھه، پپريو، ڀوڏيسر، ڏونگري، نرياسر ۽ ٻين ھنڌن تي پڻ ڪچا گھر پٽ پئجي ويا، برساتن ۾ ڳوٺاڻن جو سون جي تعداد ۾ چوپايو مال مري ويو. تيز برساتن سبب ڊئم پاڻي سان ڀرجي چڪا آھن، ڪارونجھر جبل مان وھندڙ ندين ۾ ڪيترو چوپايو مال پڻ ڦاسي پيو. ٻئي پاسي ايم پي اي قاسم سومرو، ايم اين اي امداد علي شاھه جيلاني موجود ھجڻ باوجود ڪنھن به ڳوٺ جو دورو ڪيو. بِپر جواءِ طوفان اسلام ڪوٽ کي شديد متاثر ڪيو، تيز طوفاني برسات نه رڳو شهر پر ٻھراڙي جا علائقا پڻ شديد متاثر ٿيا، موسميات کاتي ۽ ٻين مختلف ادارن کان حاصل ڪيل ڄاڻ موجب بپر جواءِ طوفان 16 ۽ 17 جون جي وچ واري رات تعلقي اسلام ڪوٽ جي ڏاکڻَي پاسي واقع بارڊر ايريا جي ويجهو واري سرحدي يوسي ٻهارڙي جي ڳوٺن تيرھاڙ، ٽيپاري، ٻنڌڻالس، چوڻالس، ميرو، ڇڇي، ڏاڀڙي ۽ ڳاٽ ڪپڙي، يوسي گريانڇو جي ڳوٺن کاريو غلام شاھه، مينهون لنجو، وروائٔي، چڀڙيال، يوسي ماڃٺي جي ڳوٺن ڳوليو، سوجاويري، جارونبڙي، گانگاڻ، ڌرم، گوڏانگڙي، اونڙي ۽ ڏونجھ سميت ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن کي پنھنجي لپيٽ ۾ آندو، ڄاڻايل ڳوٺن ۾ 30 ڪلاڪن تائين مسلسل برسات پئي، جنھن جي نتيجي ۾ ماڻهن جا سوين ڪچا ڪکاوان گهر ڊھي پٽ پئجي ويا، مختلف قسمن جا ڪافي وڻ پڻ ڪري پيا. تيز ھوائن ۽ برسات ۾ سون جي تعداد ۾ چوپايو مال ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون مرڻ جا اطلاع مليا آھن. ڳوٺ ڳاٽ جي رهواسين اميربخش ڪپري، ريحان ڪپري، وزير ڪپري، محسن ڪپري، لقمان، يونس، اشرف سوڍو، اشرف، ريحان، سڪندر ڪپري ۽ مولابخش ڪپري جون 40 کان مٿي ٻڪريون لڙهي مري ويون. مختلف ڳوٺن جي وڻن ھيٺان مختلف نسلن جا پکي مئل پيل آھن. طوفاني برسات دوران تعلقي جي ڄاڻايل يوسيز اندر موبائل فون سروس بند ٿي وئي. ٻئي پاسي شهر ۾ ٻن ڏينهن دوران 143 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي آهي. شهر ۾ برسات جو سلسلو صبح 8 بجي تائين جاري رھيو. اسلام ڪوٽ ۾ ڊي سي ٿر موجب 143 ملي ميٽر برسات پئي، شديد طوفاني برسات پوڻ سان شهر ۾ نظام زندگي درھم برھم بڻيل رھي. ٻن ڏينهن کان ھلندڙ برسات جو پاڻي مارڪيٽن، روڊن، گهٽين، پاڙن ۽ گهرن ۾ جمع ٿي ويو. ڊي سي ٿر لال ڏنو منگي ۽ اي ڊي سي ون امتياز منگي شهر جو دورو ڪيو. ٽئون انتظاميا جي ڪوتاھين سبب 18 ڪلاڪن باوجود مارڪيٽ مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. اي ڊي سي ون ٽائون ۾ ھيوي مشينري جي کوٽ جو اعتراف ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close