ميرپورخاص: ميرپورخاص جي علائقي دولت لغاري اسٽاپ جي 35 رهواسين جي زهريلي لسي پيئڻ سبب حالت خراب ٿي وئي، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ميرپورخاص تعلقي ٿاڻي جي حد دولت لغاري اسٽاپ وٽ 15 عورتن ۽ 9 ٻارن سميت 35 رهواسين جي زهريلي لسي پيئڻ سبب حالت خراب ٿي پئي، جن کي فوري طور سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو، جتي طبي امداد ڏيڻ بعد کين گهر روانو ڪيو ويو. جڏهن ته بيمار ٿيندڙن ۾ 14 سالن جو منوج، 14 سالن جو ڀون، 10 سالن جو سنيل، 42 سالن جو واڌو، 5 سالن جي پوجا، 30 سالن جو راجو ۽ 16 سالن جي ڪويتا سميت ٻيا شامل آهن. اسپتال ۾ ڳالهائيندي واڌو، راجو ۽ ٻين چيو ته ماني کائڻ کانپو لسي پيتي هئي. جنهن کانپو حالت خراب ٿي وئي، سول اسپتال آيا آهيون، ڊاڪٽرن علاج ڪيو آهي. هوڏانهن سول سرجن شيرو موتي ۽ ڊاڪٽر راهول ٻڌايو ته مريضن ۾ ٻارن ۽ عورتن جي تعداد وڌيڪ آهي، جڏهن ته فوڊ پائزننگ ناهي، زهريلي لسي پيئڻ سبب هنن جي حالت خراب ٿي آهي، جن کي طبي امداد ڏني آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close