پاڪستانسنڌ

رڪشا ڊرائيور ٽرئفڪ پوليس جي زيادتين سبب پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

ميرپورخاص: ميرپورخاص ٽائون ٿاڻي جي حد جوهر ڪالوني جي رهواسي رڪشا ڊرائيور ساجن گواريو ٽرئفڪ پوليس جي زيادتين ۽ ڀتو گهرڻ کان تنگ ٿي پيٽرول وجهي پاڻ کي باھه ڏئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊرائيور ساجن کي سندس ساٿي ڊرائيورن باهه وسائي بچائي ورتو ۽ فوتن سول اسپتال منبتقل ڪيو، جتان کيس نيو سول اسپتال آندو ويو. ان موقعي تي متاثر ساجن ٻڌايو ته رڪشا هلائي ٻارن جو گذر ڪندو آهيان، پر ٽرئفڪ پوليس اهلڪار روز جي بنياد تي ڀتو طلب ڪن ٿا، نه ڏيڻ تي ڪوڙا چالان ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا، ٽرئفڪ پوليس جي زيادتين کان تنگ ٿي پنهنجي پاڻ کي باهھ ڏني آهي. سواري کڻڻ ۽ ڇڏڻ جا 50 کان 100 رپيا ٽرئفڪ اهلڪار طلب ڪن ٿا. ڊاڪٽرن چيو ته متاثر جي حالت ڪنٽرول ۾ آهي، وقت تي باھه وسائڻ سان بچا ٿيو آهي. هوڏانهن ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊيوٽي تي موجود ٽرئفڪ اي ايس آئي سعيد ۽ پوليس اهلڪار ارشد فوجي کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڊي ايس پي سي آئي اي فضل چانڊيو کي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button