اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي انڪوائري جي هدايت ڪري ڇڏي. واقعي جي جاچ لاءِ 4 رڪني اعليٰ سطحي ڪميٽي به جوڙي وئي آهي. ڪالهه وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف گھيرو تنگ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ملوث ايجنٽس جي خلاف فوري طور تي ڪريڪ ڊائون ۽ سزا جي به هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم جي هدايت تي ايف آءِ اي ڊي آءِ جي عالم شنواري کي واقعي ۾ فوتين ۽ زخمين جي ڄاڻ ۽ سهولت لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف يونان واقعي ۾ پاڪستانين جي فوتگين تي گھري ڏُک جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته مون سوڌو سڄي قوم جون همدرديون فوتين جي گھرڀاتين سان گڏ آهن. وزيراعظم يونان ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي واقعي ۾ ريسڪيو ڪيل 12 پاڪستانين جي سار سنڀال جي به هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته واقعي تي اڄ 19 جون تي سوڳ جي ڏينهن جو اعلان پڻ ڪيو. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب سوڳ جي ڏينهن جي موقعي تي اڄ قومي جهنڊو نه ڦڙڪايو ويندو، فوتين لاءِ خاص دعا ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close