ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ، ميئر عبدالرئوف غوري ۽ ڊپٽي ميئر جنيد بلند صفائي عملي سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن دوران عملي پاران سامان جي کوٽ جي شڪايت ڪئي وئي، جنهن بعد ڊي سي زين العابدين ميمڻ ۽ ميئر عبدالرئوف غوري فورن سامان گهرائي صفائي عملي حوالي ڪيو. صفائي عملي کي ڏنل سامان ۾ 23 ڪچرو کڻندڙ ٽراليون، 130 ڪوڏر، 50 بانس، 23 گٽر ڪور، 12 بالٽيون، عملي لا 300 جيڪٽ سميت ٻيو سامان شامل آهي. ان موقعي تي ڊي سي ڳالهائيندي چيو ته بطور ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪارپوريشن منهنجو آخري ڏينهن آهي، اميد ڪيان ٿو چونڊجي آيل ميئر ۽ انهن جي پوري ٽيم شهر جي بهتري لا ڪم ڪندا، ميئر کي هدايت ڪئي آهي ته شهر ۾ هن وقت بنيادي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪن. ان موقعي تي ميئر عبدالرئوف غوري چيو ته صفائي عملي جي شڪايت موجب صفائي جو سامان ڏنو آهي، صفائي جي عملي کي ميونسپل ڪارپوريشن جي چونڊيل چيئرمينن حوالي ڪري انهن جي زميواري لڳائي آهي ته پنهنجي علائقن جي صفائي ڪرائن,هن چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن ۾ غيرحاضر ملازمن کي حاضري يقيني بنائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڊپٽي ميئر جنيد بلند چيو ته شهر ۾ برساتي پاڻي مڪمل طور ڪڍي ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close