پاڪستانسنڌ

ميهڙ جي ثمينه جلباڻي کي سئوٽن طرفان مارڻ جو انڪشاف، ڪيس داخل

ميھڙ ڀرسان ڳوٺ باغو جلباڻي مان پسند جي شادي لا نڪرڻ بعد بيدردي سان قتل ٿيل جوان عورت ثمينه جي قتل جو ڪيس ميهڙ ٿاڻي تي ٻن جوابدارن امداد جلباڻي ۽ دلدار جلباڻي خلاف سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او بي سيڪشن مطابق جوابدارن جي گرفتاري لا پوليس ڪاروائي ڪري پئي، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي پاسي قتل ٿي ويل ثمينه جلباڻي جي ما بيگم خاتون جلباڻي جو پوليس آڏو بيان سامھون اچي ويو آھي. بيگم جلباڻي پوليس سامھون ماتم ڪندي روئيندي ٻڌايو ته منھنجي ڌيءُ گھران نڪري پيار جو پرڻو ڪيو ھو ۽ بعد ۾ راڄوڻي طور پاڪ ڪتاب تي واپس ٿي ھئي. منھنجي ڀائيٽن امداد ۽ دلدار جلباڻي منھنجي سامھون ثمينه کي گھٽا ڏئي قتل ڪري بنا ڪفن ۽ غسل جي ڳوٺ ڀرسان زمين ۾ پوريو ۽ منھنجي ڀائيٽن وات تي ڪپڙو ڏئي مون کي به رسن سان ٻڌي ڇڏيو ھو. ھوڏانھن پوليس ٻنهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ باوجود کين گرفتار ناهي ڪري سگهي. ٻئي طرف رابطي تي ايس ايڇ او بي سيڪشن نور مصطفى پٺاڻ ٻڌايو ته قتل ٿيل ناري جي ما جي بيان تحت ۽ پوليس جي پنھنجي جاچ مطابق قتل ڪندڙ ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن جي سھولتڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. ياد رھي ته بيدردي سان قتل ٿيل نوجوان ناري جو لاش اباڻي ڳوٺ باغو جلباڻي ۾ گھرن ڀرسان زرعي زمين ۾ پوريل لاش مليو ھو جڏھن ته واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پڻ ڇانيل آھي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button