ميرپورخاص: ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ ڪانگو ڪولھي جي رهواسڻ گڏي ڪولھي پنھنجي مڙس ھريش ڪولھي سان ميرپورخاص جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد صحافين اڳيان تحفظ لا احتجاج ڪيو. ان موقعي تي گڏي ڪولھي چيو ته مائٽ پئسن عيوض مرضي جي خلاف ھڪ پيرسن شخص سان شادي ڪرائڻ ٿي چاهي، جنھن ڪري گھران نڪري ميرپورخاص جي عدالت ۾ هريش سان شادي ڪئي آھي، جنهن تي مائٽ سخت مڇرجي پيا آهن. ويھو ڪولھي، ڪانجي، مگھن، رازي ڪولھي ۽ ٻيا اسان ٻنھي کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ چاھين ٿا، خوف سبب دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون. ھوڏانھن ھريش چيو ته ساھرن جيئڻ جنجال ڪيو آهي. جوڙي اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان کي تحفظ ڏئي ڄاڻايل ماڻهن خلاف قدم کنيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close