مٺي: ٿرپارڪر جي ضلعي ڪائونسل، ميونسپل ڪميٽي مٺي ۽ ٽائون ڪميٽي چيلهار جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن پنهنجن عهدن جو حلف کڻي ورتو. مٺي ۾ ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو ڇاڇرو کان سوين گاڏين جي قافلي ۾ مٺي پهچي نائب چيئرمين ڪملا ڀيل سان گڏجي حلف کنيو. جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي مٺي جي چيئرمين ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي ۽ وائيس چيئرمين سمترا منجياڻي ملاڻي هائوس ۽ چيلهار جي چيئرمين بهاري ميگهواڙ ۽ وائيس چيئرمن عرس ڪنڀار چيلهار کان وڏين ريلين سان ڪلچرل ڪامپليڪس پھچي حلف کنيو. جڏهن ته مٺي جي بينظير ڪلچرل ڪامپليڪس ۾ ٿرپارڪر جي چونڊيل نمائندن کي ڊي سي لعل ڏنو منگي حلف کڻايو. ڪوٺايل حلف برداري تقريب ۾ ايم پي اي قاسم سراج سومرو، ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، ايم پي اي دوست محمد راهمون، انجنيئر گيانچند، راهول جيوڻ ۽ سشيل ملاڻي سميت ٻين شرڪت ڪئي، سندن حامين نعريبازي پڻ ڪئي. دهل شرناين تي جيالن رقص ڪيو. ان موقعي تي ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو ۽ ميونسپل ڪميٽي مٺي جي چيئرمن ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي حلف کڻڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پارٽي ۽ عوام پاران اسانکي جيڪا عوامي خدمت جي ذميواري سونپي وئي آھي، ان کي ايمانداري سان نڀائڻ لا ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين، مليل ذميواري گلن جي سيج نه پر ڪنڊن جي سيج آھي، ڇاڪاڻ ته اسان مٿان خدمت جي ذميواري رکي وئي آھي، اسان عوام جي اعتماد ۽ ڀروسي تي پورو لهڻ لا وس نه گهٽائينداسين. هنن چيو ته پ پ ملڪ جي واحد پارٽي آھي، جيڪا عوامي خدمت ۾ يقين رکي ٿي ۽ غريب عوام جي نمائندا پارٽي آھي. اسان ٿر کي مثالي ضلعو بڻائينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close