پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۾ بنامقابلي ڪامياب پ پ جي چيئرمين جوڙي حلف کڻي ورتو

چمبڙ: چمبڙ ۾ ٽائون ڪميٽي چمبڙ تي نامزد بنا مقابلي ڪامياب ٿيل چيئرمين خان محمد پتافي ۽ وائيس چيئرمين طاھر صديقي ۽ ٽائون ڪميٽي سنجر چانگ تي پ پ جي بنا مقابلي ڪامياب ٿيل چيئرمين فاخر نسيم راجپوت ۽ وائيس چيئرمين بھارو نوداڻي کي آر او اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ ڊاڪٽر آصف علي ڪورائي پنهنجي آفيس ۾ الڳ الڳ حلف کڻايو. حلف برداري تقريب ۾ ايم پي اي امداد علي پتافي پنھنجي ڀائيٽي ٽائون چيئرمين خان محمد پتافي سان گڏجي ريلي جي صورت ۾ پھتو، ان موقعي تي ممتاز علي پتافي، جمن لغاري، جي ايم پتافي ۽ ٻيا موجود ھئا. تقريب کانپو چمبڙ ۾ منعقد جلسي کي اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي امداد علي پتافي خطاب ڪندي چيو ته ڪجھه سياسي شڪست کاڌل ماڻھو ٽائون چيئرمين خلاف پروپيگنڊا ڪري رھيا آھن ته اھو ٻاھر جو آھي، آئون انھن ماڻھن کي چوان ٿو ته اسان جو ورھين کان چمبڙ جي شھرين سان واسطو آھي، سياسي مخالفن کي چوان ٿو ته جڏھن چمبڙ ۾ ناظم لا بدين ۽ حيدرآباد کان ماڻھون گھرائي چونڊرايا ويا، ان وقت ڇا توھان جي اکين ۽ وات تي پٽي ٻڌل ھئي، پتافي خاندان هميشه چمبڙ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي. جلسي کي ضلعي جنرل سيڪريٽري ظهير پتافي، ٽائون چمبڙ جي چيئرمين خان محمد پتافي، وائيس چيئرمين طاهر صديقي، ضلعي ميمبر جمن لغاري ۽ يوسي راوت لغاري چيئرمين جعفر خان جلباڻي خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button