سنڌ

لطيف آباد ۾ ٻن ڀينرن تي مڙسن جو تشدد، گهر مان بيدخل

لطيف آباد يونٽ نمبر 6 تاج ڪالوني جي رهواسڻ رخسانا زال آصف گوپانگ ۽ نورين زال واحد حسين گوپانگ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته مڙس اسان کي مارڪٽ ڪن ٿا. سندن ظلم خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي شڪايت ڪئي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي، جنهن بعد عدالت جي حڪم تي ڪيس داخل ڪرايو. جنهن دوران گهرڀاتين شاهنواز، ڪرن عرف وسيما، عليبا ۽ عابد سخت مارڪٽ ڪري 7 تولا سونا زيور ۽ موبائيل فون ڦري طلاق جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ گهر مان بيدخل ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اهڙي معاملي جي شڪايت بي سيڪشن ٿاڻي تي کڻي ويونسين ته ايس ايڇ او طاهر مغل ۽ وڏي منشي ٿاڻي مان ٻاهر نڪري وڃڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button