اسلام آباد :توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا ويا. فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪيس جي شنوائي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ پنج رڪني بئنچ ڪئي. اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. فواد چوڌري جي وڪيل مرزا آصف اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو. وڪيل آصف مرزا دليل ڏيندي چيو ته اسان کي گذريل شنوائي جو آرڊر هاڻي مليو، اڄ حاصري کان ڇوٽ ڏئي ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان اعلان ڪري ڇڏيو هو ته شوڪاز ٿيندو، فواد چوڌري جي ذاتي حيثيت ۾ پيشي هئي، ڇا هو آيو آهي. وڪيل آصف مرزا چيو ته اسان کي ڪجهه وقت ڏئي ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ضمانت جوڳي وارنٽ کان پوءِ وقت ئي هوندو ميمبر ڪميشن چيو ته فواد چوڌري اچي ئي نٿو، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪائي نرمي نه ٿيندي، 6 جولاءِ تي فواد چودري کي پيش ٿيڻو پوندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close