اسلام آبادپاڪستان

يونان ٻيڙي حادثو،جاچ ڪميٽي کي رپورٽ جلد ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف يونان ٻيڙي حادثي جي جاچ ڪميٽي کي ڪارروائي مڪمل ڪري واقعي جي جلد رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي پڇاڻو ڪيو ته انساني اسمگلرن جون ڪارروايون بروقت ڇو نه روڪيو ويون. واقعي جي ذميوارن کي جلد آخري انجام تائين پهچايو وڃي. وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز مطابق اربع تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ يونان ويجهو ٻيڙِ اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ رانا ثناءُالله، مريم اورنگزيب، طارق فاطمي، ڊي جي ايف آئي اي، چيف سيڪريٽري آزاد ڪشمير ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ڪاوڙ ڪندي پڇاڻو ڪيو ته متاثر ماڻهن جو جن ضلعن سان تعلق آهي، اتان جي انتظاميا ملوث اسمگلرن ۽ ايجنڊا جي ڪارروائين جو بروقت نوٽيس ڇو ناهي ورتو. وزيراعظم رانا ثناءُالله کي جاچ جي مڪمل نگراني ڪرڻ ۽ ذميوارن کي سزا ڏيارڻ جي حوالي سان ضروري قانونسازي لاءِ تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعطم کي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button