ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ چڻهاٺ ۾ نوجوان 16 سالن جي 5 مھينا اڳ پرڻيل ناري نيلان زال ساجن ڪولھي جو سندس گھر مان لاش ھٿ آيو، ڇوڪري يتيم آھي، سندس پي فوت ٿي ويو ۽ سندس ما ٻي شادي ڪري ڇڏي، جنھن بعد کيس چاچي سنڀاليو ۽ سندس 5 مھينا اڳ شادي ڪرائي ھئي. سندس چاچي صحافين کي ٻڌايو ته منھنجي ڀائٽي جي جسم تي ڌڪ جا نشان ھئا ۽ نشان ڪارا ٿي ويا ھئا، ڇوڪري کي پالي مون وڏو ڪيو، اسان کي رات جو اطلاع مليو ته نياڻي خودڪشي ڪئي آهي، اسان رات جو ڳوٺ چڻاٺ پھتاسين ته لاش کٽ تي پيل ھو، مون جڏھن سندس سس ۽ مڙس کان پڇيو ته ھنن چيو ته ھن خودڪشي ڪئي آھي، پر سندس ڪنڌ تي ڪو نشان ناهي، مون ڳوٺ وارن کان به پڇا ڪئي، پر ڪنھن مون کي ڦاھي کائڻ بابت نه ٻڌايو. سندس مڙس اڳ به ڇوڪري کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندو ھو، نياڻي کي تشدد ڪري ماريو ويو آهي، جسم تي موجود نشان ڪارا ٿي ويا هئا. ٻئي طرف ڇوڪري جي سس لاڏو ڪولھڻ چيو ته آئون ۽ منھنجو پٽ ٻني ۾ ڪم ڪري رھيا ھئاسين ته منھنجي ننھن گھر ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي، اسان واپس اچي ڏٺو ۽ کيس ھيٺ لاٿو ته منجھس ڪجھه ساھه ھو، اسان ڀرپاسي کان ڊاڪٽر کي گھرايو ته ڊاڪٽر ٻڌايو ته ڇوڪري فوت ٿي وئي آھي، اسان ڇوڪري جي چاچي کي اطلاع ڏنو، منھنجي ننھن ۽ پٽ ۾ ڪو جھيڙو نه ٿيو، نه ئي ننهن تي تشدد ڪيو ويو. ٻئي طرف لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي ۽ ڊاڪٽر جو چوڻ ھو ته لاش تي ڪجھه نشان ھئا، جيڪي تشدد جا لڳي رھيا ھئا، خودڪشي نٿي لڳي، ڇاڪاڻ ته سندس ڳلي تي ڪو نشان ناہي، وڌيڪ خبر رپورٽ اچڻ بعد پوندي. رابطو ڪرڻ تي جاچ آفيسر جڳو خان سمون ٻڌايو ته ڪيس داخل ناھي ٿيو، ڇوڪري جا مائٽ لاش کڻي ويا آھن، واپس ايندا ته پو ڪا ڪاروائي ڪئي ويندي، جاچ ڪري رھيا آھيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close