ڪراچي: اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ پيپلز بس سروس لاءِ موبائل ايپليڪيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آھي تھ پيپلز بس سروس، پيپلزپارٽي جي قيادت جي ھدايتن تي شھرين کي بھترين سفري سھولتن جي فراھمي لاءِ شروع ڪئي وئي. ھن سروس کي عوام ۾ تمام گھڻي پذيرائي ملي ۽ سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ عورتن لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس ۽ پيپلز اليڪٽرانڪ بس سروس جي بھ شروعات ڪئي. ھن چيو تھ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھھ ڪراچي ٽرانسپورٽ نظام کي پنھنجي اوليتن ۾ رکيو آھي، سنڌ سرڪار جلد اي ٽيڪسي بھ شروع ڪري رھي آھي، جڏھن تھ ريڊ لائن بي آر ٽي تي بھ تيزي سان ڪم ٿي رھيو آھي ۽ ھي پاڪستان جي پھرين بي آر ٽي ھوندي جيڪا بايو گيس تي ھلندي. ھن چيو تھ ييلو لائن بي آر ٽي ۽ ريڊ لائن بي آر ٽي ٻئي لڳ ڀڳ 200 ارب رُپين جي منصوبا آھن، ھن وقت ملڪ سنگين معاشي صورتحال کي منھن ڏئي رھيو آھي، اُن صورتحال ۾ اسان سڀني کي ھڪ قوم بڻجي فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.
ھن چيو تھ ھن وقت ملڪ ۾ سڀني کان وڏو مسئلو ملڪ جي معيشت کي پنھنجي پيرن تي بيھارڻ آھي، جنھن لاءِ اسان کي پنھنجي ترجيحي شعبن کي اوليت ڏيڻي پوندي، اسان کي پنھنجي زراعت ۽ معدنيات تي ڌيان ڏيڻو پوندو، اسان وٽ دُنيا جي قيمتي ترين معدنيات آھي، اُن کي ڪتب آڻڻو پوندو، اسان کي زرعي پيدوار جي لاءِ پاڻي جي بھترين ورڇ جو نظام جوڙڻو پوندو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اُن ڪم کي ڪرڻ جو تجربو رکي ٿي. ھن چيو تھ چونڊن ۾ ڪابھ پارٽي اچي پر اسان کي گھٽ ۾ گھٽ 10 ورھين جي لاءِ منصوبا جوڙڻا پوندا ۽ سڀني کي گڏجي اُن تي عمل جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، تڏھن ئي معيشت پنھنجن پيرن تي بيھي سگھي ٿي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اسان سمورين ڪمپنين کي اتساھي رھيا آھيون تھ جاءِ اسان ڏيون ٿا اوھان ھتي صنعت لڳايو، اُن لاءِ اسان ٻيون سھولتون بھ ڏينداسين. ھن چيو تھ ملڪي معيشت کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ لاءِ اسان کي ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪارن کي ھٿي ترغيب ڏيڻي پوندي تھ جيئن نيون صنعتون قائم ٿين، معاشري سرگرمي ۽ روزگار پيدا ٿئي. ھن چيو تھ شرپسندن اسان جي ٽن بسن کي نقصان پھچايو، پر پيپلز بس سروس جي ڊرائيورن وڏي سمجھداري سان باقي بسن کي نقصان کان بچايو. ھن چيو تھ شرپسندن ملڪ ۾ افراتفري ڦھلائڻ لاءِ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان رسايو. ھن چيو تھ جنھن پي ٽي آءِ نوجوانن کي گمراھھ ڪري ھتي ملڪيتون ساڙايون، اُن ئي پي ٽي آءِ آمريڪا ۽ لنڊن ۾ اھڙو احتجاج ڇو نھ ڪيو؟ اُنھن رڳو پنھنجي وطن جي ملڪيتن کي نقصان پھچايو.