تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته سنڌ جو جياپو ڍنڍن، ڍورن ۽ سنڌو درياهه تي آهي، جر ئي سڀ ڪجهه آهي. اهڙو اظهار هن سنڌ ميوزيم ۾ آرٽ ڪائونسل آف حيدرآباد طرفان سنڌ جي البيلي شاعر حسن درس ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙو جي گڏيل ورسي ملهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سردار شاهه چيو ته ماڻهو جي حسناڪي ماڻهو جي روين ۾ هوندي آهي، حسن درس ۽ طارق عالم ابڙو مون کي ويجهو هئا. آئون طارق عالم کي ٺاڪر سڏيندو هئس، حسن ماڊرن سگهڙ هو ۽ پنهنجي آرٽ کي جديديت سان ملهائيندو هو، هن لوڪ روايت کي به جديديت سان ملايو، طارق عالم مڪمل ماڊرن هو، سندس لکيل ناول “رهجي ويل منظر” به شاندار آهي. هن چيو ته حسن درس هن مٽي کي محسوس ڪيو، هن جو ڦهلا عالمي هو. صوبائي وزير چيو ته هتي شاعر پنن جو ذيان ويٺا ڪن، جيڪي ڪتاب ڇپجن ٿا پوءِ ڪلو پڪوڙن واري وٽ پيا هوندا آهن، حسن درس سنڌ جو پاڇو هو، حسن نوڪري کڻي نه ڪئي پر ڊيوٽي ضرور ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته آئون 7 سال ثقافت جو وزير رهيس، سماج ۾ انتهاپسند هڪ اداري جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن، جنهن جو مقابلو ڪرڻ ضروري آهي. سنڌي ٻولي اختياري جي چيئرمين ۽ آرٽس ڪائونسل آف حيدرآباد جي اڳواڻ اسحاق سميجي چيو ته آرٽس ڪائونسل تعصب کان آزاد هجڻ گهرجي. هن خطي ۽ شهر جي آرٽسٽن ۽ ڪلاڪارن لاءِ ڪائونسل کي ما وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن آرٽس ڪائونسل سان ڪنهن مخصوص ڌر جو تعلق ناهي. هن آرٽس ڪائونسل حيدرآباد جي ميمبرن جي نالن جو پڻ اعلان ڪيو. بخشڻ مهراڻوي چيو ته 80ع واري ڏهاڪي ۾ آئون ۽ حسن درس حيدرآباد جي هوائن ۾ داخل ٿياسين، حسن هالا کان ٽنڊي الهيار تائين جي علائقن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو تڪيو سڏيندو هو. حسن بدين جي ڳوٺن ۾ 2/2 مهينا وڃي ترسيو پيو هوندو هو. خليل ڪنڀار چيو ته شاعر اهو وڏو آهي جنهن سان سندس همعصر شاعر حسد ڪن، حسن درس سان مقابلو ڪرڻ لاءِ شاعر لاڙ به ويندا هئا پر حسن درس جهڙو شاعر نه ٿي سگهيا، حسن درس اڄ به زنده آهي، جن چاهيو ته حسن ختم ٿي ويندو اهي ڀل ته هئا، اڄ نئين ٽهي حسن درس کي پڙهي ٿي. ورسي تقريب ۾ شبنم گل، اياز عالم، تاج جويو، منور سراج ۽ ٻين ڳالهايو. ناز سهتي طارق عالم ابڙو جي ڊرامي جو اسڪرپٽ ٻڌايو، ڊاڪٽر فاروق ٽالپر ۽ رخسار ميمڻ “ڊرامو چهرو چهرو آئينو” پيش ڪيو. تقريب ۾ حسن درس جي گهرواري ارم محبوب. پٽ چيزل ۽ ٻيا موجود هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close