اسلام آباد: غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شازيا مري چيو آهي، ته قدرتي وسيلن جي استعمال جي حوالي سان ملڪي آئين واضح آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ مختلف ميمبرن طرفان اعتراض واري نقطي تي گئس جي کوهن مان مقامي آبادي کي گئس جي فراهمي واري معاملي تي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته گئس جو معاملو اهميت وارو آهي، آئين ان حوالي سان واضح آهي. آئين مطابق گئس تي پهريون حق مقامي آبادي جو آهي. سڄي ملڪ کي سنڌ مان گئس فراهم ڪئي پئي وڃي. سنڌ سان لاڳاپيل ضلعن کي پهرين گئس ملڻ گهرجي. هن چيو ته جنهن صوبي يا علائقي ۾ گئس جو ويل هيڊ آهي ان تي پهريون حق ان تڪ جي عوام جو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close