ميرپورخاص: ميرپورخاص جي حيدرآباد روڊ تي واقع سومرا گيسٽ ھائوس ۾ ھڪ عورت منا شيخ کي ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ جي الزام ھيٺ گرفتار عورت رخسانه شيخ کي وومين پوليس ٿرڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس جوابدار عورت کي 14 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي ڏيڻ لاءِ درخواست ڪئي، پر عورت قتل جو اعتراف ڪرڻ تي عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي جوابدار عورت کي 2 ڏينھن لاءِ جڊيشل ڪسٽڊي تحت حيدرآباد جيل موڪلي ڇڏيو. ٻئي طرف عورت عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ ٿاڻي اندر شيشي جو گلاس ٽوڙي پنھنجو ڳلو ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اھلڪارن کيس بچائي ورتو. ايس ايڇ او مومل لغاري موجب عورت پاڻ کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن سبب کيس ھلڪو زخم آيو، پر اهلڪارن کي کيس روڪي ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close