ٽنڊو جان محمد: سي آئي اي انچارج عنايت زرداري ۽ ڊي آئي بي انچارج دانش ڀٽي ڳجھي اطلاع تي ڪار جو جھڏو کان پيڇو ڪيو ته روڊ تي مير واٽر سن موري وٽ پوليس جي ناڪابندي ڏسي جوابدارن ڪار واپس موڙائي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس جي پرائيويٽ ڪار سان سندن ٽڪر ٿي پيو، ذريعن موجب پوليس ھڪ جوابدار کي سوگھو ڪري ورتو، ٻيو جوابدار فرار ٿي ويو، پوليس ٻئي جوابدار کي جھلڻ لاءِ 3 ڪلوميٽر پيڇو ڪندي جوابدار تي فائرنگ ڪئي، جنھن بعد پوليس جوابدار کي ميرن جي ٻني مان گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف پريس ڪلب جي صدر عبدالخالق خاصخيلي جي وڏي ڀا واقعي جي ڪوريج ڪئي ته سي آئي اي ۽ ڊي آئي بي انچارج دانش ڀٽي کيس داٻا ڏئي موبائل فون کسي ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close