حيدرآباد ۾ مشهور راڳي استاد خادم حسين سان رهاڻ رچائي وئي، سمپا طرفان منعقد ڪيل رهاڻ ۾ استاد خادم جي موسيقي جي دنيا ۾ پيش ڪيل خدمتن جي واکاڻ ڪئي وئي. ان ڏس ۾ ڄاڻ ملي آهي ته سنڌ انسٽيوٽ ميوزڪ اينڊ پرفارمنگ آرٽ ڄامشورو ۾ سمپا جي شاگردن پاران پنهنجي استاد ۽ سنڌ جي نامياري راڳي استاد خادم حسين سخيراڻي سان رهاڻ رچائي وئي ۽ سندس دستاربندي پڻ ڪئي وئي، جنهن ۾ سمپا جي ڊائريڪٽر شير محمد مهر، سمپا ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڀائي خان شر، ڊائريڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج طاف محبوب جوکيو، اعزازي مهمان استاد مظهر علي خان ۽ استاد امير علي خان، سعيد سميجو (سمپا ايڊمن) ۽ سمپا جي سمورن شاگردن شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سمپا جي استادن، شاگردن، شاگردياڻين توڙي ملازمن پاران استاد فنڪار خادم حسين سخيراڻي کي پڳ ٻڌرائي وئي، اجرڪن، لُنگين ۽ گلن جا تحفا پيش ڪري ساڻس محبت جو اظهار به ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي ڀلوڙ راڳي خادم حسين سخيراڻي پنهنجا ويچار ونڊ ڪندي چيو ته حقيقت ۾ موسيقي ۾ عبادت آهي، موسيقي محبت به آهي ته مريضن جو علاج ۽ شفا به آهي، ان کي سمجهيو وڃي ۽ ان کي سُر سان ڳايو وڃي ته دنيا مان گهڻا ئي مسئلا ختم ٿي سگهن ٿا. موسيقي ۾ امن جو پيغام آهي، ڀلي اها ڪهڙي به ٻولي ۽ خطي جي ڇو نه هجي، ان ڪري موسيقي کي سرڪاري سطح تي اهميت ڏني وڃي ۽ روح کي وڻندڙ موسيقي کي تبديلي آڻيندڙ امن جو پيغام ڏيندڙ شاعري سان پيش ڪئي وڃي، جنهن سان انقلاب اچي ۽ ماڻهن ۾ محبت پيدا ٿئي. نالي واري راڳي استاد مظهر خان چيو ته دنيا ۾ جڏهن ”ڪن فيڪون“ هئي سنڌ سرن جي سرزمين رهي آهي، هتي سُر ٻڌي سر ڏنو ويندو آهي، اسان سُر کي تمام گهڻو ويجهو آهيون، دنيا جي سرن جي سرزمين سنڌ آهي، دنيا ۾ جتي جتي به سٺي موسيقي جا سرجڻهار آهن ۽ جيڪي به موسيقي جا چاهيندڙ آهن، ٻڌندڙ آهن انهن سڀني کي موسيقي جي ڏينهن جي حوالي سان مبارڪباد پيش ڪيون ٿا. چيئرمين سمپا ڪميٽي جي ميمبر ڀائي خان شر چيو ته شاگردن جي محبت ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ۽ جتي به هي شاگرد پروگرام رکندا آئون ٻيا سڀ ڪم ڪار ڇڏي شاگردن جي پروگرام ۾ شرڪت ڪندس.
حيدرآباد/رهاڻ