پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

فريدآباد/راڌڻ: فريدآباد ۾ ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي بحالي ۽ واھر نه ٿيڻ خلاف ڇنڊڻ موري تي يوسي سيدپور، خان جو ڳوٺ، فريدآباد ۽ چارو جي ٻوڏ متاثرن سعدالله چانڊيو، سجاد چانڊيو، ظفر سولنگي، مختيار ڏيپر، معشوق کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي متاثرن دانھيندي چيو 10 مھينن کان بي يارو مددگار بڻيل آھيون، دانھون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون، پر اسان جي ڪنهن به قسم جي ڪا واھر نٿي ڪئي وڃي. ھنن وڌيڪ چيو ته گهر نه ملڻ ڪري سخت گرمي ۽ جهولن ۾ ڦاٽل ٽينٽن ۾ ٻار وٺي ويٺل آھيون، ڪا واھر نٿي ڪئي وڃي، ان کان علاوه متاثرن چيو ته سرڪار پاران مخصوص ماڻهن کي 75 ھزار جي قسط ڏني وئي آهي، ان مان به جاين جي ڊي پي سي ته ٺھيو، پر مزدورن رازن جي مزدوري ۽ ماني به نٿي نڪري. ھنن سرڪار ۽ ڊونر ادارن جي سربراهن کان مطالبو ڪيو ته اجھا ٺھرائي ڏيڻ لاءِ 8 کان 10 لک رپيا ڏئي واھر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button