سنڌ

سجاول ۾ بدامني خلاف اي پي سي،شهري ۽ سياسي سماجي اڳواڻ متحد،بک هڙتالون ڪرڻ جو فيصلو

سجاول ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ سياسي سماجي جماعتن بدامني خلاف ضلعي جي سڀني شهرن اندر ڪئمپون لڳائي بک هڙتال شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خبر موجب سجاول ۾ “ايس پي ھٽايو- سجاول بچايو تحريڪ” جي سلسلي ۾ نيیشنل پريس ڪلب طرفان اي پي سي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ نيشنل پريس ڪلب جي صدر حافظ سعدالله ميمڻ، عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر حسين آزاد، پ پ (ش ڀ) جي ضلعي صدر نظام لاکائي ميمڻ، رشيد آزاد سومرو، ھندو پنچائت جي صدر ڊاڪٽر ھوت چند، ممتاز شاھه بخاري، گل حسن رند، بابو جمن کٽي، دادا سنڌي، عبدالغني سھتو، شهمير سنڌي، رجب ميمڻ، بابا ڪارو عمراڻي، صديق شيخ، صحافي اشرف ملاح، نثار سميجو، فقير اسماعيل کتري، شهباز ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اي پي سي ۾ بدامني جو ذميوار ايس پي سجاول امداد علي شاھه کي قرار ڏنو ويو ۽ سندس بدلي ڪرائڻ لاءِ پھرئين مرحلي ۾ ضلعي جي شهرن اندر بک ھڙتال، ٻئي مرحلي ۾ سڀني شھرن ۾ شٽربند ھڙتال ۽ ٽئين مرحلي ۾ نيشنل ھائي وي تي برانچ موري وٽ ڌرڻو ھڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اي پي سي ۾ 13 رڪني ڪميٽي به جوڙي وئي، جيڪا آ جي سنڌ سان ملاقات ڪري کيس سجاول ۾ بدامنيءَ بابت آگاھي ڏيندي، جڏھن ته اي پي سي ۾ آل پارٽيز الائنس جو اعلان ڪري ضلعي جي مسئلن تي گڏجي جدوجھد ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button