پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ آر او پلانٽن جي آپريٽرن جو ڪمپني خلاف مظاهرو

ڇاڇرو: ڇاڇري ۾ سنڌ آر او فلٽر پلانٽس يونين سنڌ جي نائب صدر يار محمد نظاماڻي، فنانس سيڪريٽري محمد علي، ضلعي صدر ٿر منظور علي راهمون ۽ ٻين ڇاڇرو ۽ ڏاھلي تعلقن جي آر او پلانٽن جي آپريٽرن گڏ پريس ڪلب اڳيان ڪمپني جي انتظميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اوسلو ڪمپني ٿر جي 550 آر او پلانٽن کي ٻن سالن ۾ تباھه ڪري ڇڏيو آهي، ٿر جا ماڻهو کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، مٺي پاڻي جي آر او پلانٽس واري منصوبي جي مد ۾ ٺيڪيدار ڪمپني اوسلو اربين رپين جي رڪارڊ ڪرپشن ڪرڻ سان گڏ آپريٽرن جون پگهارون به هڙپ ڪري وئي آهي، ضلعي جي 750 آر او پلانٽن مان 550 آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن، رڪارڊ ۾ 750 ڏيکاريل آهن، پر 2 سئو پلانٽ لڳا ئي نه آهن، جيڪي پلانٽ لڳا آهن، اهي ٻن سالن ۾ ناڪاره ٿي ويا آهن، جنهن جي ذميوار اوسلو ڪمپني ۽ سندس انچارج صفدر احمد فاروقي آهي، بااثر انچارج خلاف قانوني ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي. صوبائي وزير ناصر شاهه نوٽيس وٺي 3 مهينن جون پگهارون ڏياريون. هنن چتا ڏنو ته اوسلو ڪمپني کي ٻيهر ٺيڪو ڏنو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button