پاڪستانسنڌ

پنجاب ۾ تيز برسات، ڪرنٽ ۽ گهر ڪرڻ سبب 20 ڄڻا فوت

لاهور: پنجاب جي مختلف شهرن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران تيز هوائن سان گڏ برسات سبب بجلي جو ڪرنٽ، عمارتون ڪرڻ، وڄ ڪرڻ ۽ ٻڏڻ جي واقعن ۾ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سخت موسم جي ڪري پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ انفراسٽرڪچر ۽ چوپائي مال کي نقصان پهتو هو، جڏهن ته نارووال، سيالڪوٽ ۽ شيخوپوره ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوتگيون ٿيون هيون. ريسڪيو 1122 پنجاب جي ترجمان فاروق احمد صوبي جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن سبب پيش ايندڙ واقعن ۾ فوتگين جي تصديق ڪئي آهي. ريسڪيو 1122 پنجاب جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي راڄڌاني ۾ ڀت ڪرڻ ۽ ڇت ڪرڻ سبب 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته چنيوٽ ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ان کان علاوه شيخوپوره ۾ به هڪ شخص زخمي ٿيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪرنٽ لڳڻ سبب نارووال ۾ 5 ۽ شيخوپوره ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪرنٽ لڳڻ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ترجمان ريسڪيو 1122 جو چوڻ هو ته ڪرنٽ لڳڻ جا 61 واقعا پيش آيا، جن ۾ 54 ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي فوري طور تي ريسڪيو خدمتون فراهم ڪيون ويون، جڏهن ته 6 ڄڻا بجلي جا ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 حادثا پيش آيا جن ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا. لاهور ۾ رات دير سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب ڪلب چوڪ کان اواري چوڪ تائين برسات جو پاڻي بيٺل آهي، برسات سبب ٽريفڪ جي رفتار سست آهي، پاڻي سبب گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون بيهجي ويون آهن، جڏهن ته ٽريفڪ وارڊن شهرين کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪندي نظر آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button