پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڌارين کي نيڪالي نه ڏيڻ خلاف جسقم جا مظاهرا

سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لا جسقم جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جسقم جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، ديدار شام، لياقت ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي موجودگي سبب اسان اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃون، معاهدي تحت سنڌ ۾ موجود سمورن ڌارين کي پنهنجي پنهنجي ملڪ تي موڪليو وڃي پر ان تي عمل اڃا نظر نه ٿو اچي. سنڌ ۾ ڌاريا وڌيڪ آباد ٿي رهيا آهن. معاهدي موجب سنڌ ۾ آباد سمورن ڌارين کي پنهجن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي. ڦلجي اسٽيشن ۾ ڪارڪنن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ريلي ڪڍي حيدر چوڪ تي مظاهرو ڪيو، جتي اڳواڻن لالا ظهير سومرو، محمد عمر سولنگي، ڪامريڊ رياض پنھور، محمد نواز چانڊيو، شھباز ملڪ، زاھد شاهھ ۽ ٻين خطاب ڪيو. فريدآباد ۾ وزير حسين سولنگي، صدام حسين بروھي، جاني عباسي، اعجاز سولنگي، ذوھيب مڱڻھار، اويس مڱڻھار، رستم سولنگي ۽ نديم مارفاڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ڪوٽڙي ۾ جسقم ڪارڪنن المدينا چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس اڳيان مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ديدار شام، آصف ميراڻي، ڪاشف عباسي ۽ ٻين خطاب ڪيو. جسقم ڪارڪنن مٽياري، ڀٽ شاهه ۽ گهاري ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪري سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي جو مطالبو ڪيو. مظاهرن جي اڳواڻي ذوالفقار ڏيٿو، اياز سهتو، عبدالرشيد ڏيٿو، گلزار شاهه ۽ عادل شاهه ڪري رهيا هئا. نوابشاهه ۾ ھاشم لغاري، طارق سمون، ڪاشف لاکو، فرمان ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪيو ويو. منھڙو ۾ علي ديشي ۽ اعجاز ٻوراڻو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پڊعيدن ۾ الصاف انصاري، زوهيب انصاري، رستم شر، سهيل ڊولو ۽ سارنگ بڙدي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب وٽ مظاهرو ڪيو. سامارو ۾ جسقم اڳواڻن سارنگ خاصخيلي، خادم باغي علي حيدر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ جسقم جا جھنڊا کڻي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو. اهڙي طرح ٻانڌي ۾ محبوب پنڃارو، عبدالخالق جمالي، علي حيدر جمالي، مورو ۾ ضلعي اڳواڻ امين ڪلهوڙو، جگديش ڪمار، سرمد ڏيپر، قربان ڇڄڙو، علي رضا لغاري ۽ گهوٽڪي ۾ ڪارڪنن پپل چوڪ کان ريلي ڪڍي نصر ڪلادي، مير حسن لاشاري، محبوب گهوٽو، جسم اڳواڻ ڪمال مهر، جسقم اڳواڻ اسد اوڳاهي ۽ احسان ڪلادي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. رتيديري ۾ جسقم ۽ جساف ڪارڪنن مومن سمون، سجاد خاصخيلي، اسد کوکر، زبير ڀٽو، علي رضا عارباڻي، انصار چنو، سميع گھانگھرو، بابر جويو، اعجاز ڏاهاڻي ۽ محمد علي چنو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. شڪارپور ۾ جسقم اڳواڻ ڦٽاڪو سنڌي، غلام ياسين ڪنڀر, ڪامريڊ جوسو سنڌي ۽ رحمت الله جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نصيرآباد ۾ بشير باغي، فراز ميراڻي ۽ ياسين ڦلپوٽو جِي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. باقراڻي ۾ جسقم ڪارڪن الله بخش چانڊيو، صفر چانڊيو، عديل سنديلو، ڪاشف ابڙو ۽ اياز لاشاري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب وٽ مظاهرو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ جسقم اڳواڻ ڏاڏو اطهر سومرو، عزيز شيخ، اشرف ڪلهوڙو، رُڪ سنڌي، امتياز موريو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب مظاهرو ڪيو ويو. ڏوڪري ۾ جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، سمير ڀنڊ ۽ ظهور ديشي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ميرپوربٺوري ۾ بابو عثمان ميمڻ ۽ دڙي ۾ انور ملاح جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون. ٺٽي ۾ محمد علي شيخ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button