پاڪستانسنڌ

پاڪستان کي ڊيمن جي ضرورت ناھي، سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي:ڄام شورو

آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڊا چيئرمين ڄام خان شوري چيو آھي تھ سنڌ صوبو پاڻي جي 37 سيڪڙو کوٽ کي منھن ڏئي رھيو آھي پر ارسا چشما- جھلم ۽ ٿل ڪينال سميت فلڊ ڪينال کولي ڊيم ڀري رھيو آھي ۽ جلال پور ڪينال جوڙي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. اھڙو اظھار ھن سيڊا سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڄام خان شوري چيئرمين مقرر ٿيڻ بعد پھريون ڀيرو سيڊا سيڪريٽريٽ پھچي عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو تھ سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب سارين جي پوکائي ۽ وونئڻن جو فصل متاثر ٿي رھيو آھي پر ارسا ٽي پي لنڪ کي 12 ھزار ڪيوسڪ، چشما- جھلم لنڪ ڪئنال کي 8 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڏئي رھيو آھي، جڏھن تھ سنڌ کي 1991 جي ٺاھه موجب ھڪ لک 80 ھزار ڪيوسڪ بدران ھڪ لک 60 ھزار ڪيوسڪ پاڻي تونسا وٽ گڊو بيراج کان 300 ڪلوميٽر پري ڏنو پيو وڃي، جيڪو پاڻي گڊو بيراج تائين پھچندي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ لائين لاسز جو شڪار ۽ چوري ٿي وڃي ٿو، سنڌ جو مطالبو آھي تھ حصي جو پاڻي سنڌ کي گڊو بيراج تي پورو ڪري ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مون پاڻي جي کوٽ بابت وفاقي حڪومت کي خط لکي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي، سنڌ ۾ سڀ کان پھرين سارين جي پوک ٿئي ٿي، بدين ۽ سجاول سميت سنڌ جي علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي جي کوٽ سبب سارين جي ٻيجاري جي پوکائي نھ ٿي سگھي آھي ۽ مٿي سانوڻي جون برساتون شروع ٿيڻ واريون آھن ان ڪري پوکائي نھ ٿي سگھندي، جيڪو وڏو نقصان آھي، پاڪستان کي نھ ڊيمن جي ضرورت آھي نھ ئي ڪئنالن جي ضرورت آھي، جيڪڏھن زراعت پاڪستان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي تھ پوءِ ان کي لائيننگ، ھاءِ افيشنسي ايگريڪلچر، ڊرپ اريگيشن، ليزر ليولر ۽ ٻيون سھولتون ڏنيون وڃن تھ جيئن اسين 50 کان 60 سيڪڙو پاڻي جي بچت ڪري زرعي اپت حاصل ڪري سگھون. پڇڙين ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ برابري جي بنياد تي پاڻي جي ورھاست کي يقيني بڻائڻ لاءِ سيڪريٽري آبپاشي، ايم ڊي سيڊا ۽ ٻين عملدارن کي حڪم ڏنو آھي پر سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي نھ ملڻ سبب کوٽ آھي ۽ منڍ وارا بھ وڌيڪ پاڻي کڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button