پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر جي ڊئم ۾ ٻڏي ويل شاگرد جو 22 ڪلاڪن بعد لاش هٿ

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڊئم ۾ وھنجندي ٻڏي فوت ٿيل 15 سالن جي نائين ڪلاس جي شاگرد صالح محمد پٽ رٽائر آرمي اھلڪار غلام رسول کوسو جو لاش 22 ڪلان بعد ھٿ ڪيو ويو. ايم پي اي ۽ ڊي سي ٿرپارڪر جي ڪوششن سان ڪراچي مان پاڪ نيوي جا ٽوٻا گھرائي لاش ڪڍرايو ويو. ڊي سي ٿر لعل ڏنو منگي، مختيارڪار ننگرپارڪر ۽ ايم پي اي قاسم سراج سومرو پھچي ريسڪيو آپريشن جي نگراني ڪئي، جڏھن ته ننگرپارڪر جي مقامي ٽوپن جي مسلسل ڪوششن باوجود لاش ھٿ نه اچي سگھيو هو. گذريل ڏينھن ڪراچي کان گھرايل پاڪ نيوي جي ٽوپن آپريشن شروع ڪيو ته لاش پاڻمرادو پاڻي ۾ تري ٻاھر اچي ويو. جنھن بعد لاش ٻاهر ڪڍي گھر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. شاگرد جي جنازي نماز ۾ پاڪ آرمي جي جوانن، ايم پي اي قاسم سراج سومرو، ٽائون چيئرمين محمد رحيم کوسو، سردار خان کوسو، اڪبر رند، مختيارڪار عبدالحق درس، شھرين ۽ پاڙيسرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي رهواسين مطالبو ڪيو ته ڊئمن جي صفائي ڪرائي وڃي ۽ ڊئمن ۾ بيٺل ديوين جي وڻن کي وڍيو وڃي، ڊئمن ۾ وھنجڻ تي پابندي لڳائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button