ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ڀرسان ڳوٺ مسو خان جلباڻي ۾ 2 مهينا اڳ پرڻيل ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي، ڪيس داخل هئڻ باوجود جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا. ناري جي پي ما سميت ٻين وارثن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڇوڪري جي بازيابي لا نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ناري جي ما ثريه، پي ذوالفقار لاشاري ۽ ٻين مائٽن پريس ڪلب اڳيان دانهون ڪندي چيو ته پرڻيل ڌي ڪوثر کي جوابدار حميد ڀنڊ، آڪاش ڀنڊ، شيرل ڀنڊ ۽ صدام ڀنڊ سميت 6 ڄڻن زبردستي اغوا ڪيو آهي، ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود ٿرڙي پوليس جوابدار بااثر هجڻ ۽ رشوت وٺڻ سبب گرفتاريون نٿي ڪري، جوابدار اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لا موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جيڪو ظلم آهي، پوليس انصاف ڏيارڻ بدران جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته نياڻي بازياب ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close