![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2023/07/333061_8492169_updates.webp)
ٽوڪيو: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جاپان سان سفارتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ چاهيون ٿا. ٽوڪيو ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجو جاپان جو پهريون دورو آهي، اسان جاپان سان سفارتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته جاپان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ عالمي ليڊر آهي، پاڪستان جي آءِ ٽي شعبي ۾ به صلاحيت موجود آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ لاڳاپا ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جا سفير آهن، پاڪستان جي 65 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوانن کي پاڪستان ۾ روزگار جي ضرورت آهي.