سنڌ

حيدرآباد ڀرسان ڀت ڪِري پئي، 2 معصوم ٻار دٻجي فوت، 5 زخمي

حيدرآباد ڀرسان ڀت ڊهڻ جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5 ٻار زخمي ٿي پيا آهن. خبر موجب ٻهراڙي جي علائقي باغ واهه ويجهو ڳوٺ سيد اميد علي شاهه ۾ علم پاڪ نهر ڪرڻ دوران ڀت ڪري پئي ۽ 2 ٻار ٿڏي تي فوت ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺ ۾ سيد بچل شاهه جو علم پاڪ لاهڻ مهل ڀت سان ٽڪرائجي ويو ۽ ديوار ڪري پئي، جنهن سبب 6 ورهين جو قمبر علي پٽ جمال شاهه ۽ 6 ورهين جو ايان علي پٽ عالم شاهه دٻجي حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته بلاول شاهه، محسن شاهه، انتظار علي شاهه ۽ احسن علي شاهه سميت 5 ٻار زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي بابت اطلاع تي هوسڙي جو ڊي ايس پي فدا حسين لغاري پهتو ۽ ڳوٺ واسين کان واقعي بابت تفصيل ورتا. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته علم پاڪ غلط طريقي سان لاٿو ويو، جنهن سبب ڀت سان ٽڪرائجي ويو ۽ حادثو ٿي پيو، زخمين مان 4 ٻار اسپتال ۾ داخل آهن، جڏهن ته انتظار حسين شاهه کي ملم پٽي ڪرڻ بعد اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي، ٻن فوتي ٻارن جي گهرن ۾ ڪهرام متل هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button