ٽنڊوالهيار/چمبڙ: چمبڙ ۾ ڪرڪيٽ راند دوران جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ٻن ڀائرن مان هڪ ڀا حيدرآباد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. چمبڙ ۾ مال پڙي واري گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ راند دوران ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو هو، جھيڙي جي نتيجي ۾ ٻه ڀائر گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا ھئا، جن مان 19 ورھين جو نوجوان نعمان لغاري زخمن جا سور نه سهندي سول اسپتال حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو، واقعي جو ڪيس سندس پي غلام مصطفى لغاري جي فرياد تي 5 جوبدارن مٿان چمبڙ ٿاڻي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جن ۾ شاھه محمد عرف شاھه پٽ ڌر محمد لغاري، شھمير پٽ شاھنواز لغاري، غلام نبي پٽ غلام رسول لغاري، عزيز پٽ شاھه محمد ۽ عمران پٽ مير محمد کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس گھربل جوابدارن مان شاھه محمد عرف شاھو کي گرفتار ڪري ورتو. مقتول نوجوان جي والد غلام مصطفى لغاري چيو ته جوابدارن گھريلو ڳالھه تان منھنجي هڪ پٽ کي قتل ڪيو ۽ ٻئي کي زخمي ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close