اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف ڀارت کي واضح پيغام ڏنو آهي ته اهو دهشتگردي کي سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ استعمال نه ڪري. ڪالهه شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي سالياني سربراهي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، خطي ۾ پائيدار امن تنظيم جي سڀني رڪن ملڪن جي ذميواري آهي. سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ دهشتگردي جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ گهرجي، رياستي دهشتگردي ۾ معصوم ماڻهن جو قتل انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي تي آواز اٿارڻ گهرجي، عالمي امن لاءِ ماڻهن جي بنيادي حقن کي يقيني بڻائڻو پوندو. سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب خطي ۾ پراڻن تڪرارن جو حل ڪڍڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته سي پيڪ معاشي خوشحالي، امن ۽ استحڪام ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو، وچ ايشيا ۾ پاڪستان کي هڪ منفرد جاگرافيائي حيثيت حاصل آهي. سي پيڪ تحت خاص واپاري زون قائم ڪيا پيا وڃن، ترقي يافتا ملڪن کي ترقي پذير ملڪن جي ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻي پوندي، خطي ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ويجهي سهڪار جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته دنيا کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ جي خلاف آواز اٿارڻو پوندو، رياستي دهشتگردي ۾ بيگناهه ماڻهن جو قتل مذمت جوڳو آهي. سي پيڪ پاڪستان سميت سڄي خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. خطي ۾ جٽادار امن شنگهائي تعاون تنظيم جي سمورن ميمبرن ملڪن جي ذميواري آهي، رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي سان پوري عزم سان گڏجي وڙهڻ جي ضرورت آهي. ايس سي او افغانستان رابطا گروپ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عالمي مسئلن جي حل لاءِ عالمي ٻڌي جي ضرورت آهي. موسمي تبديلين سبب پاڪستان ۾ تباهه ڪندڙ ٻوڏ آئي، ملڪ کي وڏو نقصان ٿيو. ان دوران معيشت کي 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، ڪيترائي ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا. موسمي تبديليون اسان جي دروازن تي سڏ ڏئي رهيون آهن، اسان کي ترت قدم کڻڻا پوندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي 23 هين اجلاس کي پنهنجي وڊيو لنڪ خطاب ۾ شهبازشريف قزاقستان کي تنظيم جي ميمبرشپ ملڻ ۽ ايراني صدر ابراهيمي رئيسي کي تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ تي مبارڪ ڏني ۽ ايران جي شموليت کي خوش آئيند قرار ڏنو. وزيراعظم بيلاروس کي تنظيم جي ايندڙ اجلاس ۾ مڪمل رڪنيت ڏيڻ جي فيصلي جي به آجيان ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close