اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ دور ۾ واپارين کي 3 ارب ڊالر ڪرونا امداد ورهائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد :انڪشاف ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ ڪرونا وبا دوران مالياتي ادارن کان مليل 3 ارب ڊالرن جي امداد 620 واپارين ۾ ورهائي وئي. ان ڏس ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ايف آءِ اي ۽ نيب کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب ڪالهه چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪرونا جي وبا دوران مالياتي ادارن کان مليل امداد واپارين ۾ ورهائي وئي هئي، جنهن لاءِ 620 صنعتڪارن ۾ 10 سالن لا 3 ارب ڊالر بنا وياج ڏنا ويا هئا. پي اي سي ميمبر برجيس طاهر چيو ته ڪميٽي کي ٻڌايو وڃي ته پئسو ڪٿي لڳايو ويو، جنهن تي پي اي سي ميمبر محسن عزيز چيو ته اسڪيم سان 32 لک ماڻهن کي روزگار مليو ۽ ايڪسپورٽ ۾ 4 ارب ڊالرن جو اضافو ٿيو، ماضي ۾ به سهولتون فراهم ڪيون ويون. اجلاس دوران پي اي سي آڊيٽر جنرل کي 3 ارب ڊالرن جي ڪارڪردگي آڊٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته ايف آءِ اي ۽ نيب کي جاچ جو حڪم ڏنو ويو. چيئرمين نور عالم خان چيو ته آرمي چيف ۽ ڊفينس سيڪريٽري کي به لکڻ گهرجي ته آءِ ايس آءِ معاملي جي جاچ ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button