پاڪستانسنڌ

منڇر ڍنڍ پاڻي کوٽ سبب سڪي وئي، مهاڻا ۽ آبادگار پريشان

ڀان سيدآباد( رپورٽ: ذوالفقار مينگل) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي چونڊ تڪ ۾ قائم پاڪستان جي سڀ کان وڏي منڇر ڍنڍ پاڻي کوٽ سبب سڪي وئي آهي، منڇر ڍنڍ بوبڪ بند کان وٺي ٻن ڪلوميٽرن تائين بنجر زمين جو ڏيک ڏيئي رهي آهي، پاڻي سڪي وڃڻ سبب مڇي جو نسل ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته آسپاس جي 30 هزار کان وڌيڪ انساني آبادي پيئڻ توڙي زرعي پاڻي کان محروم ٿي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ منڇر بچايو تحريڪ جي چيئرمين مولابخش ملاح، فيض محمد ملاح، غلام محمد ملاح، مهر علي ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ ايشيا جي مٺي پاڻي جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ هوندي هئي پر افسوس ته منڇر ڍنڍ کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، منڇر ڍنڍ جو پاڻي 2 ڪلو ميٽرن تان سڪي ويو آهي، جنهن جي ڪري منڇر ڍنڍ مان مڇي جو نسل مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي، مڇي جو ٻيجارو پڻ ختم ٿي ويو آهي، جنهن سبب مهاڻن جي روزگار جو ذريعو تباهه ٿي ويو آهي.

هنن چيو ته منڇر ڍنڍ جو اڳ ۾ پاڻي زهريلو هوندو هيو پر هاڻي ته اهو به پاڻي ناهي بچيو، اسان مهاڻن اڳ ئي دانهون ڪيون هيون ته منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي سطح 112 آر ايل تائين برقرار رکي وڃي پر آبپاشي عملدارن مهاڻن جي ڳالهه ئي نه ٻڌي ۽ منڇر ڍنڍ مان هٿ سان پاڻي نيڪال ڪري منڇر ڍنڍ کي ختم ڪيو ويو آهي. آبادگارن ذوالفقار علي بروهي ۽ عاشق بروهي ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ جو پاڻي سڪي وڃڻ سبب هزارين ايڪڙ زمينون به بنجر بڻجي ويون آهن، هڪ طرف منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي لڳل آر او پلانٽ ناڪاره بڻيل آهن ته وري ٻئي طرف منڇر مان پاڻي سڪي ويو آهي، منڇر ڍنڍ ۾ نئين گاج ۽ ٻين علائقن مان پاڻي داخل ڪري منڇر جي پاڻي جي پراڻي سطح بحال ڪئي وڃي. منڇر ڍنڍ جي رهواسين مطالبو ڪيو ته منڇر مان پاڻي سڪي وڃڻ جو نوٽيس وٺي منڇر ڍنڍ جي بحالي لا قدم کنيا وڃن. آبپاشي کاتي جي اختيارين موجب منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 107 آر ايل يعني ست فوٽ آهي، عام طور تي پاڻي جي سطح معمول مطابق 112 آر ايل يعني 12 فوٽ هوندي آهي پر نئين گاج سميت مختلف نئين ۽ ايم اين وي ڊرين مان پاڻي گهٽ مقدار ۾ اچڻ سبب منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي گهٽ جمع ٿيو آهي. ايندڙ برساتن بعد منڇر جي پاڻي ۾ اضافي جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button