پاڪستانسنڌ

پاڪ ڪتاب ساڙڻ خلاف يوم تقدس ملهايو ويو، سڄي ملڪ ۾ احتجاج

حيدرآباد: سوئيڊن ۾ پاڪ ڪتاب ساڙڻ واري عمل خلاف سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ يوم تقدس ملهايو ويو، سياسي سماجي ۽ مذهبي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ شهرين احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا. احتجاج دوران شهرين ملعون جي پتلي کي ساڙي سوئيڊن سرڪار خلاف نعريبازي ڪئي. اسلام آبباد ۾ وڪيلن سپريم ڪورٽ ٻاهران سخت احتجاج ڪيو. ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ زبردست احتجاج ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ مختلف سياسي ۽ مذهبي تنظيمن پاران مظاهرا ڪري سوئيڊن جي قومي جهنڊي کي باهه ڏني وئي. ها ڪورٽ بار حيدرآباد پاران ايڊووڪيٽ ماما يوسف لغاري، تاج محمد ڪيريو، الهبچايو سومرو، پيرل مجيداڻو، محمد عابد، تحريڪ لبيڪ پاران صوبائي ناظم صوفي يحيٰ قادري، ضلعي امير صوفي رضا محمد عباسي، تحريڪ انصاف پاران ڊاڪٽر مستنصر بلا، جي يو آئي حيدرآباد پاران تاج محمد ناهيون، اعظم جهانگيري، تحريڪ اشاعت ڪنزلايمان حيدرآباد پاران احتجاج ڪيو ويو. لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، نوشهروفيروز، ٿر، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، دادو، ڄامشورو، مٽياري، خيرپور، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، عمرڪوٽ، بينظيرآباد، سجاول ۽ سانگهڙ ۾ سياسي سماجي ۽ مذهبي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ شهرين ڪاروبار بند رکي هڙتال ڪري مظاهرا ڪيا. اهڙي طرح نوابشاهه، چوٽياريون، ٽنڊوآدم، سنجھورو، عثمان شاھه ھڙي، مسڻ وڏي، نبي سرروڊ،سامارو، اسلام ڪوٽ، ميھڙ، ٽنڊوڄام، چوھڙ جمالي، مبارڪپور، ڪنري، ننگرپارڪر، گھارو، ڌاٻيجي، جھوڪ شريف، شادي لارج، ڪڙيوگھنور، ماتلي، نئون دمبالو، هالا، ڀٽ شاهه، اڏيرولال ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن گهر ڪئي ته سوئيڊن جي سفارتڪار کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي ملعون کي سخت سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button