پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ گم ٿيل نينگر قتل، فصل مان ڪپڙن کان آجو لاش مليو

جهڏو: جهڏي ۾ گم ٿيل معصوم نينگر کي قتل ڪيو ويو، سندس ڪپڙن کان آجو لاش فصل مان مليو. پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب جهڏو ويجهو گهگهه موري ۾ 15 ورهين جي نينگر پرسو پٽ ڀاوو ڪولهي جو ڪپڙن کان آجو ٿيل وونئڻن جي فصل مان لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو. ان سلسلي ۾ نينگر جي وارثن موجب ته نينگر گذريل شام کان گهر نه آيو هو، اڄ صبح مقامي زميندار لال بخش لغاري جي ٻني مان ڳوٺاڻن نينگر جو ڪپڙن کان آجو لاش ڏٺو، گذريل ڏينهن ڪبوتر جهلڻ واري ڳالھه تان نينگر جي سندس ئي هم عمر مائٽ گووند ڪولهي سان منهن ماري ٿي هئي، جنهن نينگر کي ڌمڪيون ڏنيون هيون، جنهن بعد پرسو گذريل ڏينهن گهر جو سامان وٺڻ لا نڪتو، پر واپس نه آيو ۽ گم ٿي ويو، سڄي رات اسان پرسو جي ڳولا ڪئي، پر نه مليو، صبح جو سندس لاش مليو آهي، اسان جي معصوم ٻار کي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار گوند پٽ پونيو ڪولهي کي گرفتار ڪري ورتو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جهڏو شاهنواز خاصخيلي ٻڌايو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ڏوھه ۾ ملوث جوابدار خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button