پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ افغانين کي زمينون ڏنيون پيون وڃن:رياض چانڊيو

حيدرآباد:جيئي سنڌ محاذ جو اعلى سطحي اجلاس پارٽي چيئرمين رياض چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي محاذ سربراھه رياض علي چانڊيو چيو ته ڌرتي ڌڻين کان وطن ڇڏرايو پيو وڃي، جڏھن ته ڌارين کي سنڌ ۾ وڌيڪ منظم ڪيو پيو وڃي، سنڌ اندر سرڪاري سرپرستي ۾ افغانين کي زمينون ڏنيون پيون وڃن، سنڌي ھندن لا اتر سنڌ ۾ ھٿ سان اھڙو ماحول جوڙيو ويو آھي جو سوين خاندان پنھجي ڌرتي ڇڏي ھندستان پيا وڃن،زرداري ٽولو سنڌ جي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش رٿي چڪو آھي، خوشحال سنڌ جا ماڻھو جن وٽ توانائي جا وسيلا آھن، تيل، گيس، ڪوئلو آھي، اھي بک پيا مرن، اسان چئون ٿا ته قانون موجب اسان جا قدرتي وسيلا اسان تي خرچ ڪيا وڃن، اسان کي سرڪاري طور ڊزائين ڪيل فارمولي تحت ذلت واري پاسي ڌڪيو پيو وڃي. رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشني ۾ سنڌ جي وجود خلاف ٿيندڙ سازشن جو مقابلو ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button