اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس اربع تي شنوائي لا مقرر

اسلام آباد : اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس شنوائي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس جي شنوائي ٿي. گذريل ٻن ڏينهن جيان ڪالهه به عمران خان جو وڪيل خواجا حارث عدالت ۾ پيش نه ٿيو، کيس عدالت دليل ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو هو.عدالت کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب ست ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻو هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس شنوائي جوڳو آهي يا نه. عمران خان جي وڪيل طرفان عدالت ۾ ٻه درخواست داخل ڪيون ويون، هڪ ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي وئي جنهن ۾ سيڪيورٽي خدشن کي بنياد بڻايو ويو، جڏهن ته ٻي درخواست ۾ عمران خان جي وڪيل گوهر علي خان ڏهه جولاءِ تائين شنوائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي. ان دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سعد حسن ڇوٽ واري حاضريءَ کان درخواست تي اعتراض واريو. جڏهن ته سيشن جج همايون دلاور ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل ٽن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو به وڪيل خواجا حارث پيش ناهي ٿيو. هن چيو ته انڊر ٽيڪنگ اوهان ڏني ته وڪيل خواجا حارث پيش ٿيندو، توشا خانا ڪيس ۾ عدالت اوهان لاءِ تمام گهڻو نرم رويو رکي رهي آهي، ايتري نرم رويي جي مثال ٻيو ڪٿي نٿي ملي، ان جو ناجائز فائدو نه ورتو وڃي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو. عدالت ٻارنهن جولاءِ تي توشا خانا ڪيس شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو، ايندڙ شنوائي تي توشا خانا ڪيس جي ٽرائل جو آغاز ٿيندو، عدالت 12 جولاءِ تي گواهه ۽ شاهديون طلب ڪري ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button