پاڪستان جي اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي ۾ پهرين سينيما گهر جو بنياد رکي ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ هن پهرين ميوزڪ پاليسي جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو تھ اسان نئين ۽ پهرين ميوزڪ پاليسي ڏني آهي، جنهن تحت علائقائي موسيقي اڳتي آندو ويندو. هن جو چوڻ هو تھ نواز ليگ دور ۾ پاڪستان جي فلم انڊسٽري پهرين نمبر تي هئي، دهشتردي خلاف ويڙهه ۾ ڪلچر پاليسي آندي تھ جيئن پاڪستان جي بهتر اميج کي اجاگر ڪري سگهجي. مريم اورنگزيب چيو تھ گذريل 30 سالن دوران پاڪستان ۾ سينيما گهر پيٽرول پمپ يا سين اين جي اسٽيشن بڻجي ويا، ڇاڪاڻ تھ فلمون ٺهڻ بند ٿي ويون هيون، پر الله جو شڪر آهي تھ هاڻ عيد تي 4 يا 5 فلمون رليز ٿي رهيون آهن. هن چيو تھ ماڻهن وٽ فلم ٺاهڻ جا پيسا نھ رهيا، اسين ملڪ جي ننڍي وڏي شهر ۾ ٿيٽر ۽ سينيما ٺاهي ماڻهن کي سستي تفريح فراهم ڪنداسين، ختم ٿي ويل ٿيٽر ۽ سينيما بحال ڪيا ويندا. هن چيو تھ ايندڙ هفتي علائقائي راڳين لا ڊجيٽل آرڪائيو متعارف ڪرائينداسين، ڪلاسيڪل ميوزڪ ريسرچ سيل کي 10 سالن بعد کوليو آهي. هن چيو تھ پي ٽي آئي جي حڪومت ادارن کي وڪڻيو، سوشل ميڊيا تي نفرت جي پکيڙڻ جي مهم جاري آهي، 4 سالن تائين نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو ۽ هر ادار کي تباهه ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close