پاڪستانسنڌ

اڇڙي ٿر ۾ ڌنارن ۾ جهيڙو، نوجوان ڪهاڙيون هڻي قتل

چوٽياريون (ن، سنڌ ايڪسپريس) اڇڙي ٿر ۾ مال چاريندڙ ڌنارن ۾ جهيڙو ٿي پيو، نوجوان کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو ويو. جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويو. ان سلسلي ۾ چوٽياريون ٿاڻي جي حد اڇڙي ٿر جي علائقي کارهوڙ ڍنڍ ڀرسان چوپايو مال چاريندڙ ڌنارن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري 25 سالن جو نوجوان فياض پٽ دريا خان راڄڙ موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏھن ته اطلاع تي چوٽياريون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش کڻائي سانگهڙ سول اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن مقتول نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏھن ته جوابدار فرار ٿي ويو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او چوٽياريون نبي بخش لاشاري ٻڌايو ته اسان اطلاع تي پهچي مقتول جو لاش کڻائي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو آھي، فريادي ڌر ايندي ته ڪيس داخل ڪري جاچ ڪنداسين. واقعي جو ڪارڻ اڃان معلوم ناهي ٿيو، فريادي ايندا ته خبر پوندي. هوڏانهن ذريعن موجب مقتول تي حملو ڪندڙ 15 سالن جو نينگر ٻڌايو پيو وڃي ۽ پاڻ ۾ ويجها عزيز پڻ آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button