دادو: دادو ڀرسان جهيڙي جو ڪيس داخل ڪرائڻ تان بااثر جوابدارن پاران فريادي ڌر جي نوجوان جا ڀرون ۽ شهپر ڪٽي توبهه، گيسيون ۽ ڪن گوشيون ڪرائي تذليل ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ايس ايس پي دادو معاملي جو نوٽيس ورتو، جاچ لا ڪميٽي جوڙي وئي. رپورٽ موجب دادو ڀرسان ڳوٺ بختيار شاهاڻي ۾ 5 ڏينهن اڳ بجلي جي تار لڳائڻ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران جوابدارن فائرنگ ڪري 6 ڄڻن نجف، قمر، اميد، راڻو، رزاق، ديدار ۽ حفيظ شاهاڻي کي زخمي ڪيو هو، جهيڙي جو ڪيس نياز شاهاڻي جي فرياد تي جوابدار نظام الدين، قائم الدين، لکمير، شير خان، شهمير، امداد، عمر، ميوو شاهاڻي ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ٿيڻ کانپو بااثر جوابدارن فريادي ڌر جي نوجوان اختر شاهاڻي کي هٿيارن جي زور تي کنڀي ورتو، جنهن بعد سندس ڀرون ۽ شهپر ڪٽي توبهه، گيسيون ۽ ڪن گوشيون ڪرائي تذليل ڪري وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي دادو معاملي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرازادو جو چوڻ هو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، نوجوان جي تذليل جو ڪيس حد جي ٿاڻي اسماعيل جا ڀاڻ تي داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيم جوڙي آهي. هن چيو ته قانون کان ڪوبه ڏاڍو ناهي. ٻئي پاسي متاثر ڌر احتجاج ڪندي دانهيو ته 5 ڏينهن کان هو بااثر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، پر حد جي پوليس بااثر جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي ۽ کين گرفتار نه ڪيو، جنهن سبب هي واقعو پيش آيو ۽ نوجوان جي تذليل ڪئي وئي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close